ڪراچي جي ڊائو يونيورسٽي اسپتال ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ کان روڪڻ خلاف ٽنڊي ڄام ۾سڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو

sindhi boli

ڪراچي جي ڊائو يونيورسٽي اسپتال ۾ سنڌي ٻولي ڳالهائڻ کان روڪڻ خلاف ٽنڊي ڄام ۾سڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

شاگردن صدام ڀٽو، محبوب جتوئي،  شڪيل ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ يونيورسٽي جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي شاگردن چيو ته سنڌ جي ادارن ۾سنڌي ٻوليءَ ڳالهائڻ کان روڪڻ جو عمل تعصب پرستي آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

هنن مطالبو ڪيو ته ذميوار ڊاڪٽر خلاف فوري طور ڪارروائي  ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*