اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف لاهور ۾ ملاقات ڪئي

nawaz and shabaz

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف سان پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف لاهور ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران نيب ڪيسز، عام چونڊن ۽ اهم معاملن تي مشاورت ڪئي وئي.

جاتي امرا ۾ اڳوڻي وزيراعظم  نوازشريف سان پنجاب جي وڏي وزير شهبازشريف ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ حمزه شهباز، سلمان شهباز، مريم نواز ۽ پرويز رشيد سميت اهم اڳواڻ موجود هئا.

ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ۾ نيب ڪيسز، عام چونڊن ۽ اهم معاملن تي مشاور ڪئي وئي.

ملاقات ۾ نوازشريف جي گهرواري بيگم ڪلثوم نواز جي خراب ٿيندڙ طبعيت تي شريف خاندان جي لنڊن روانگي بابت به مشاورت ڪئي وئي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*