باڊھ ڀرسان ڳوٺ وڏي وهڻي ۾ ڇتي ڪتي هڪ عورت سميت ٻن ٻارن کي ڏاڙھي وڌو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو

badah dog bite

باڊھ ڀرسان ڳوٺ وڏي وهڻي ۾ ڇتي ڪتي هڪ عورت سميت ٻن ٻارن کي ڏاڙھي وڌو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڳوٺ وڏي وهڻي ۾ ڇتي ڪتي ٻن ٻارڙن 5 سالن جي  بختاور راڄپر ۽ 8 ورهين جي ماجد علي راڄپر سميت هڪ مسمات حوا خاتون جوڻيجو ۽ ٻن ٻڪرين کي ڏاڙهي وڌو، جنهن بعد ڳوٺاڻن زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڇتي ڪتي جي وئڪسين نه هجڻ ڪري وارثن پرائيويٽ اسپتال منتقل ڪيو، جتي علاج  ڪيو پيو وڃي.

ان موقعي تي وارثن دانهيندي چيو ته ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو، ٽائون انتظاميا تماشائي بڻيل آهي.

جڏهن ته اسپتال ۾ وئڪسين اڻلڀ آهن،

هنن وس وارن کان گهر ڪئي ته نوٽيس وٺي اسپتال عملي ۽ ٽائون انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*