تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته واپاري طبقو هميشه ڏکين حالتن ۾ ملڪ جو ساٿ ڏنو آهي

imran khan khi

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته واپاري طبقو هميشه ڏکين حالتن ۾ ملڪ جو ساٿ ڏنو آهي، ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ لاءِ هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺڻ جي ضرورت آهي.

ڪراچي واپارين کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته حڪومت ٽيڪس مٿان ٽيڪس لڳائي رهي آهي، بجلي منصوبن ۾ خانگي شعبن کي به شامل ڪيو وڃي.

هن چيو ته ڪجهه ماڻهو ملڪيت ۽ پيسو ٺاهڻ لاءِ سياست ۾ ايندا آهن، ذاتي مقصدن لاءِ سياست ۾ ايندڙ عوام جا مسئلا حل نه ڪري سگهندا آهن.

عمران خان چيو ته سياستدانن جي ڪري اڄ ملڪ قرضي ٿي ويو آهي، عوام تي پيسو خرچ ڪرڻ سان ملڪ ترقي ڪندو آهي.

هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ ڏکيو ڪم پوليس کي ٺيڪ ڪرڻ آهي،هتي سياست نه پر مافيا جو مقابلو ڪرڻو آهي.

عمران خان چيو ته ملڪ ۾ هن وقت بجلي سڀ کان اهم مسئلو آهي، واپارين کي سهولتون ڏيڻ سان بهتري اچي سگهي ٿي.

هن چيو ته ٽيڪسٽائل ۽ زرعي شعبي سميت ٻين شعبن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي.

عمران خان چيو ته اسان ڪي پي پوليس وانگر ملڪ جي سڀني ادارن کي بهتر ڪنداسين، جيئن عوام کي سهولتون ملي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*