سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي اميدوارن کي ووٽ ملندا

governer sindh

سنڌ جي گورنر محمد زبير چيو آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ ڪارڪردگي جي بنياد تي اميدوارن کي ووٽ ملندا، اندروني ۽ ٻاهران چئلينجز هئڻ باوجود حڪومت معاشي استحڪام پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وئي آهي.

گورنر هائوس ۾ گورنر محمد زبير سان جماعت اسلامي جي وفد ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪري ملڪ جي سياسي صورتحال سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون.

گورنر محمد زبير چيو ته مسئلن جو حل صرف ڳالهيون هونديون آهن، جنهن ڪري اهو ئي رستو ورتو وڃي.

هن چيو ته صوبي ۾ ترقي لاءِ گذريل سال کان هر سياسي جماعت ۽ اسٽيڪ هولڊر سان رابطي ۾ آهيان.

گورنر محمد زبير چيو ته موجوده حڪومت تيزي سان اقتصادي ترقي جو بنياد رکي معيشت کي بهتر بڻايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*