سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته اسامه بن لادن نائين اليون ذريعي رياض ۽ واشنگٽن وچ ۾تڪرار پيدا ڪرڻ چاهيو پئَي

saudi wali

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان چيو آهي ته اسامه بن لادن نائين اليون ذريعي رياض ۽ واشنگٽن وچ  ۾تڪرار پيدا ڪرڻ چاهيو پئَي، هن امريڪي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي ايران تي الزام هڻندي چيو ته تهران القاعده جي دهشتگردن کي پناهه ڏني آهي.

 سعودي عرب جي ولي عهد واشنگٽن ۾پهريون ڀيرو امريڪي نيوز چينل کي انٽرويو ڏنو، ان موقعي تي هن ايران، يمن بحران ۽ ٻين معاملن بابت ڳالهايو.

هن چيو ته ايران جي فوجي ۽ معاشي طاقت سعودي عرب کان گهٽ آهي ۽ هو برابري جي مقابلي ۾ رياض کان ڪافي پري آهي.

ڪرپشن خلاف ڪارروائي تي محمد بن سلمان جو چوڻ هو ته سعودي عرب ۾ ڪرپشن خلاف مهم ۾ هڪ کرب ڊالر حاصل ڪيا ۽ جيڪو به ڪيو ملڪ جي موجوده قانون تحت ڪيو.

محمد بن سلمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته سعودي عرب ۾عورتون ۽ مرد هر طرح سان برابر آهن، عورتن کي انهن جا حق ڏنا ويا آهن، هاڻي عورتون راندين ۽ فوج ۾ نوڪري ڪرڻ سميت مختلف شعبن جو حصو ٿي سگهن ٿيون………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*