اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف فليگ شپ انويسٽمنٽ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

atc

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ شريف ڪٽنب خلاف فليگ شپ انويسٽمنٽ ۽ العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس جي ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ العزيزيه اسٽيل ملز  ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ريفرنسز جي ٻڌڻي جج محمد بشير ڪئي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، سندس ڌيءُ مريم نواز ۽ ناٺي ڪئپٽن صفدر پيش ٿيا.جڏهن ته درخواستگذار جي شاهد نوري شهزادي عدالت ۾ موجود هئي.

ٻڌڻي دوران نيب جي شاهد نورين شهزاد رڪارڊ طور اي ميلز پيش ڪيون. جڏهن ته نواز شريف جي وڪيل خواجا حارث نورين شهزاد جي آڏي پڇا مڪمل ڪئي.

احتساب عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 29 مارچ تائين ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي واجد ضياءَ کي طلب ڪري ورتو.

ايندڙ ٻڌڻي تي نيب جي شاهد نورين شهزادي کان آڏي پڇا مڪمل ڪئي ويندي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*