سپريم ڪورٽ سينيٽر رحمان ملڪ جي خلاف توهين عدالت درخواست غير موثر هجڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي

rehman malik

سپريم ڪورٽ سينيٽر رحمان ملڪ جي خلاف توهين عدالت درخواست غير موثر هجڻ جي بنياد تي اڪلائي ڇڏي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پراڻن ڪيسن کي فڪس ڪري اڪلائي رهيا آهيون، ايندڙ هفتي اهڙن پراڻن ڪيسن کي مقرر ڪري اڪلائينداسين. جن کي اڳ ڪنهن هٿ به نه وڌو هو.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ خلاف توهين عدالت جي درخوست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران رحمان ملڪ جي وڪيل لطيف کوسا عدالت کي ٻڌايو ته عدالت رحمان ملڪ جون 2012 کان 2018ع تائين سموريون سهولتون واپس وٺڻ جو حڪم ڏنو هو پر جنهن حڪم تحت ريڪوري جو حڪم ڏنو ويو هو، اهو ڪالعدم ٿي چڪو آهي.

رحمان ملڪ جي وڪيل چيو ته انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ عدالت معاملو اڪلائي چڪي آهي، خدائي خدمت گار اهڙيون درخواستون داخل ڪرائيندا رهندا آهن.

چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته غير موثر هجڻ سبب مقرر ڪيس اڪلائي رهيا آهيون. خدائي خدمتگارن جا 55 ڪيس چيمبر ۾ خارج ڪيا آهن، ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ اهڙا ڪيس ڏسڻ لاءِ ملندا، جن کي ڪنهن هٿ به نه لڳايو هوندو.

عدالت غير موثر هجڻ سبب  درخواست رد ڪندي ڪيس اڪلائي ڇڏيو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*