لاهور هاءِ ڪورٽ، ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ ۾ دير واري درخواست تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي 17 مئي تائين جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو

pm

لاهور هاءِ ڪورٽ، ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ ۾ دير واري درخواست تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي 17 مئي تائين جواب داخل ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو، درخواست گذار جو موقف آهي ته پاڻي بحران  ختم ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت ضروري آهي پر حڪومت سياسي بنيادن تي رٿا شروع نه پئي ڪري.

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪالا باغ ڊئم ٺاهڻ ۾ دير تي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. جسٽس شاهد ڪريم توهين عدالت درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جي هدايت ڪئي پر وزيراعظم گڏيل مفادن واري ڪونسل کي سربراهه جي حيثيت سان عملدرآمد نه ڪرايو.

درخواستگذار عدالت کي استدعا ڪئي ته وزيراعظم شاهد خاقان عباسي خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

عدالت شاهد خاقان عباسي کي نوٽيس جاري ڪندي 17 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*