بالي ووڊ جي ناليواري اداڪاره راني مکرجي حياتيءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ پير پائي ورتو

rani mukharji

بالي ووڊ جي ناليواري اداڪاره راني مکرجي حياتيءَ جي چوٿين ڏهاڪي ۾ پير پائي ورتو، 40 سالگرهه جي موقعي تي فلم نگري جي ساٿين ۽ پرستارن پاران کيس واڌايون ڏيڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي.

راني مکرجي 21 مارچ 1978 ع تي ممبئي جي هڪ فلمي ڪٽنب ۾ جنم ورتو، سندس والد رام مکرجي فلم نگري جو هدايت ڪار جڏهن ته سندس امڙ ڪرشنا مکرجي ڳائڻي آهي.

 راني مکرجي کي فلمي دنيا ۾ ڪيريئر ٺاهڻ جي خواهش نه هئي سندس چوڻ هو ته ڪٽنب ۾ گهڻائي اداڪار موجود آهن ان ڪري کيس مختلف شعبي ۾ ڪيريئر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.

 راني مکرجي پنهنجي خيال کي عملي روپ نه وٺرائي سگهي ۽ سال  1997 ع ۾ بالي ووڊ جو حصو بڻجي وئي.

جيتوڻيڪ راني مکرجي جي پهرين فلم“راجا ڪي آئيگي بارات” باڪس آفيس تي ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري سگهي هئي پر ان فلم ۾ سندس اداڪاريءَ کي تمام گهڻو ساراهيو ويو.

 عامر خان سان گڏ سندس فلم “رنگيلا ” باڪس آفيس تي ريڪارڊ ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن بعد کيس فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکارڻ جو لاڳيتو موقعو ملندو رهيو.

“ ڪهين پيار نه هو جائَي، هر دل جو پيار ڪريگا، ڪُڇ ڪُڇ هوتا هَي سميت ٻين فلمن سبب سندس نالو بالي ووڊ جي اهم اداڪارائن سان کڄڻ لڳو هو.

راني مکرجي کي مختلف ايوارڊن سميت 7 فلم فيئر ايوارڊس سان نوازيو ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*