ڪنڊيارو ۾صحت کاتي طرفان ارڙيءَ جي روڪٿام لاءِ جوڳا اپاءَ نه وٺڻ جي صورت ۾وڌيڪ 2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون

kandiyaro

ڪنڊيارو ۾صحت کاتي طرفان ارڙيءَ جي روڪٿام لاءِ جوڳا اپاءَ نه وٺڻ جي صورت ۾وڌيڪ  2 ٻارڙيون فوت ٿي ويون، هڪ هفتي دوران ارڙي وگهي فوت ٿيل ٻارن جو انگ وڌي 6 ٿي ويو.

يوسي غلام شاهه جي ڳوٺ راڄ محمد مڱريو ۾ ارڙي تيزيءَ سان پکڙجي وئي آهي، ڄاڻايل ڳوٺ ۾ارڙيءَ وڌيڪ ٻن ٻارڙين ٽن سالن جي فرزانه ڌيءُ آدم مڱريو ۽ اڍائي سالن جي ريما ڌيءُ عبدالقدير مڱريو جي حياتي کسي ورتي جڏهن ته  بيماريءَ جي ور چڙهيل فاطمه، اظهر، ابرار، حسنين ۽ توفيق بستري تي پيل آهن.

يوسي غلام شام ۾ ارڙي جي وبا ۾ حياتيون وڃائيندڙ ٻارڙن جو انگ 6 ٿي ويو آهي، جن ۾ ڳوٺ راڄ محمد مڱريو ۾ ريما، فرزانه، ڳوٺ چبڙ مڱريو ۾ عليشاه ۽  ڳوٺ قابل مڱريو جي بسمه ۽ ٻه ٻار شامل آهن.

ارڙي ۾ متبلا ٻارڙن جون حياتيون خطري ۾ هجڻ توڙي ميڊيا ۾ نشاندهيءَ باوجود صحت کاتي جي اختيارين پاران ٻارن جي حياتي بچائڻ لاءَ ڪي به قدم نه کڻڻ تي والدين توڙي علائقي واسين ۾مايوسي ڇانيل آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*