ٺارو شاهه ۾ عوامي شڪايتن تي سول جج، سرڪاري اسپتال ۽ گرلز اسڪول تي ڇاپا هڻي عملي جي غير حاضري توڙي

tharushah

ٺارو شاهه ۾ عوامي شڪايتن تي سول جج، سرڪاري اسپتال ۽ گرلز اسڪول تي ڇاپا هڻي عملي جي غير حاضري توڙي شاگردياڻين کي امتحاني پيپر جون ڪاپيون نه ڏيڻ جو سختيءَ سان نوٽيس وٺندي ايم ايس ۽ تعليم کاتي جي  ضلعي عملدار کي سڀاڻي سيشن ڪورٽ پيش ٿيڻ جو حڪم  ڏنو آهي.

سول جج ڀريا نثار احمد شر رورل هيلٿ سينٽر جو اوچتو دورو ڪيو، جتي اسپتال ۾ ايم ايس ڊاڪٽر شير محمد ٽانوري ۽ ليڊي ڊاڪٽر سميت ايمبولينس جو ڊرائيور غير حاضر هئا، جنهن تي سول جج سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

ان موقعي تي سول جج رڪارڊ ڏسڻ کان پوءِ  غير حاضر ايم ايس ۽ عملي خلاف رپورٽ سيشن جج نوشهروفيروز ۽ هيلٿ کاتي ڏانهن موڪلي ڇڏي.

سول جج بعد ۾گرلز اسڪول ۾ ڇوٿين کان اٺين ڪلاس تائين هلندڙ امتحانن جو دورو ڪيو ۽ شاگردياڻين کي تعليم کاتي پاران سوالي پيپر ۽ جوابي ڪاپيون نه ڏيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اي ڊي او نوشهروفيروز کي سڀاڻي سيشن جج جي عدالت ۾ جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو.

 ان موقعي تي شاگردياڻين دانهيو ته اسان کي تعليم کاتي پاران سوالي پيپر ۽ جوابي ڪاپيون نه ٿيون ڏنيون وڃن، اسان پنهنجي خرچيءَ مان سوالي پيپر ۽ جوابي ڪاپيون وٺڻ تي مجبور آهيون……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*