سپريم ڪوررٽ رائو انوار جي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ڪندي رائو انوار جو پاسپورٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بحال ڪرڻ

rao anwer

سپريم ڪوررٽ رائو انوار جي حفاظتي ضمانت واري درخواست رد ڪندي رائو انوار جو پاسپورٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽس بحال ڪرڻ سان گڏ توهين عدالت جو نوٽيس به واپس وٺي ڇڏيو، عدالتي حڪم بعد پوليس کيس گرفتارڪري ورتو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ نقيب الله قتل ڪيس جي پاڻمرادي نوٽيس جي حوالي سان رائو انوار کي اڄ طلب ڪيو ويو هو، رائو انوار اڄ اوچتو عدالت پهتو.

ملير جي اڳوڻي ايس ايس پي رائو انوار کي پوليس جي وڏي نفري ۾ سپريم ڪورٽ آندو ويو، کيس چهري تي ماسڪ پهريل هو.

رائو انوار اڇي رنگ جي گاڏي ۾ سپريم ڪورٽ آيو، جڏهن ته کيس ڪاري رنگ جا ڪپڙا پهريل هئا، ان موقعي تي سيڪيورٽي جا انتظام به سخت ڪيا ويا هئا.

ٻڌڻي دوران رائو انوار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته اسان پاڻ کي عدالت آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي چيف جسٽس، رائو انوار کي مخاطب ٿيندي چيو ته قانون آڏو سرينڊر ڪري اوهان ڪو احسان نه ڪيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته اوهان جنهن بهادري سان رهو پيا ۽ جيڪي خط اوهان لکيا، انهن تي حيرت آهي، جيڪي خط لکيا ويا انهن جو تاثردرست نه آهي.

جسٽس ثاقب نثار، رائو انوار کان پڇا ڪئي ته ايترا ڏينهن ڪٿي هئا، ڇو نه آيا، اسان اوهان کي موقعو فراهم ڪيو ته اوهان سرينڊر ڇو نه ڪيو. جنهن تي رائو انوارخاموش رهيو ۽ ڪو به جواب نه ڏنو.

رائو انوار جي وڪيل جواب ڏنو ته سندس اصيل حفاظتي ضمانت چاهي ٿو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اسان ڪا به حفاظتي ضمانت نه ڏئي رهيا آهيون ۽ گرفتاري جو حڪم جاري ڪيون ٿا.

جسٽس ثاقب نٿار چيو ته اسان ڪميٽي جوڙي رهيا آهيون، رائو انوار کي جيڪو ڪجهه چوڻو آهي ته ان اڳيان وڃي چئي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اوهان ايڏا بهادر ڪيئن ٿي ويا، پاڻ کي عدالت جي حوالي نه ڪيو، مهلت ڏني پوءِ به نه آيا.

عدالت آءِ جي سنڌ کي جاچ ڪميٽي جي ميمبرن جا تفصيل طلب ڪيا.

رائو انوار جي وڪيل چيو ته کيس سنڌ پوليس سان اختلاف آهن، ڇاڪاڻ ته پوليس سندس مخالف آهي. جنهن تي چيف جسٽس پڇا ڪئي ته ڇا جي ڪري اوهان جي پوليس اوهان جي خلاف ٿي وئي، اوهان پوليس جا ملازم آهيو ۽ اها ئي اوهان جي مخالف ڪيئن ٿي وئي؟

عدالت رائو انوار جو پاسپورٽ بينڪ اڪائونٽس بحال ڪرڻ  جو حڪم ڏنو.

عدالت نقيب الله جي وارثن کان رائو انوار کي نقصان نه پهچائڻ جو حلف به ورتو.

چيف جسٽس رائو چيو ته جاچ ٿيڻ تائين رائو انوار کي حفاظت ۾ رکيو وڃي، جنهن وقت تائين سنڌ پوليس جي حفاظت ۾ آهي، سندس ذميواري پوليس جي آهي.

عدالتي حڪم ملڻ بعد رائو انوار کي ايس ايس پي سيڪيورٽي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو، سندس گرفتاري لاءِ بڪتربند گاڏي به عدالت ٻاهران موجود هئي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*