واهي پانڌي ويجهو گاجي شاھ پوليس پاران گرلس پرائمري اسڪول کي ٿاڻي طور استعال ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو

wahi pandhi

واهي پانڌي ويجهو گاجي شاھ پوليس پاران گرلس پرائمري اسڪول کي ٿاڻي طور استعال ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺاڻن رانجهو جمالي ۽ ابراهيم جمالي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان  موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي ۽ بايوميٽرڪ نظام لاڳو ھجڻ باوجود اسان جي ڳوٺ جو  هي اسڪول ڪيترين ئي سالن کان ٿاڻي ۾ تبديل ٿيل آهي.

هنن چيو ته اسڪول کي سيمس ڪوڊ پڻ مليل آهي، پر اسڪول ۾ مقرر عملو پنهنجي ڊيوٽين کان غائب آهي جنهن جو  گاجي شاه پوليس فائدو وٺندي اسڪول کي ٿاڻي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو انتهائي غلط عمل آهي.

 انهن مطالبو ڪيو ته گرلس پرائمري اسڪول تان پوليس جو  قبضو ختم ڪرائي  ڳوٺ جي معصوم نياڻين جو مستقبل بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*