نيب پاران اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن واري اڳوڻي سيڪريٽري غلام عباس سميت 12 جوابدارن خلاف زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ تي ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي

Muhammad-Siddique-Memon-26716

نيب پاران اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن واري اڳوڻي سيڪريٽري غلام عباس سميت 12 جوابدارن خلاف زمينن جي غيرقانوني الاٽمينٽ تي ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي.

ڪورنگي واري علائقي ۾ غيرقانوني طور زمين الاٽ ڪرڻ واري معاملي ۾ نيب پاران ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ريفرنس داخل ڪرايو ويو آهي.

ريفرنس ۾ اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ لينڊ يوٽيلائيزيشن واري اڳوڻي سيڪريٽري غلام عباس سميت 12 جوابدارن کي نامزد ڪيو ويو آهي.

عدالت 9 جوابدارن جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته صديق ميمڻ سميت 3 جوابدار ضمانت تي آزاد آهن.

جوابدارن تي ڪورنگي واري علائقي ۾ 6 ايڪڙ زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪرڻ جو الزام آهي، ريفرنس تي ٻڌڻي 30 مارچ تي ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*