ناليواري ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ جج جي رٽائرڊ ٿيڻ سبب مفتي عبدالقوي سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ايندڙ ٻڌڻي 9 اپريل تي ٿيندي

qandeel

ناليواري ماڊل قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ جج جي رٽائرڊ ٿيڻ سبب مفتي عبدالقوي سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو، ايندڙ ٻڌڻي 9 اپريل تي ٿيندي.

ملتان جي عدالت ۾ قنديل قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ڪيس ۾ نامزد جوابدار وسيم ۽ حق نواز کي پيش ڪيو ويو. جڏهن ته جوابدار مفتي قوي به عدالت ۾ پيش ٿيو.

جج جي رٽائرڊ ٿيڻ سبب جوابدارن تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو ۽ ڪيس جي ٻڌڻي 9 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

واضح رهي ته جولاءِ 2016ع ۾ ماڊل قنديل بلوچ کي سندس ڀاءُ وسيم مبينا طور غير جي نالي تي قتل ڪيو هو، ڪيس ۾ قنديل جي سئوٽ حق نواز کي به نامزد ڪيو ويو آهي، جيڪي هن وقت ملتان جيل ۾ آهن………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*