نيب لاهور پيراگون هائوسنگ سوسائيٽي اسڪيم جي جاچ لاءِ وفاقي وزير سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان کي طلب ڪري ورتو

khuwaja saad

نيب لاهور پيراگون هائوسنگ سوسائيٽي اسڪيم جي جاچ لاءِ وفاقي وزير سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان کي طلب ڪري ورتو، سعد رفيق چيو آهي ته هتي احتساب جي نالي تي ماڻهن  کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي، اسان جو دور هجي يا ڪنهن ٻئي جو پر ملڪ ڪڏهن به اڻڌريو احتساب نه ٿيو آهي، مشرف جي زماني ۾ ٺاهيل  نيب  قانون کي سدائين ڪارو قانون ڪوٺيو آهي.

نيب لاهور پيراگون هائوسنگ سوسائيٽي اسڪيم جي جاچ لاءِ وفاقي وزير سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ سلمان کي طلب ڪري ورتو،

خواجا سعد رفيق پنهنجي ڀاءُ سان گڏ  نيب آڏو پيش ٿي جواب جمع ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي،

سعد رفيق چيو آهي ته هتي احتساب جي نالي تي ماڻهن  کي ٽارگيٽ بڻايو پيو وڃي،

هن چيو ته اسان جو دور هجي يا ڪنهن ٻئي جو پر ملڪ ڪڏهن به اڻڌريو احتساب نه ٿيو آهي، مشرف جي زماني ۾ ٺاهيل  نيب  قانون کي سدائين ڪارو قانون ڪوٺيو آهي.

خواجا سعد رفيق چيو ته نيب جو قانون ڪارو قانون آهي، ڪو احتساب نه پر اسان کي نشانو بڻايو پيو وڃي،

هن چيو ته مون کان پيراگون بابت پڇا ڪئي وئي آهي، مون کي موڪليل ليٽر ۾ آشيانه اسڪيم جو ڪو ذڪر ناهي، خط ۾ لکيو آهي ته ٻي ڪا به تاريخ ڏئي ڇڏيو،

سعد رفيق چيو ته  افسوس آهي ته قسم نامو ڏيڻ باوجود گهرايو پيو وڃي، احتساب جي نالي تي گهرايو ويوآهي، نيب جي ڪاري قانون کي نه مڃڻ باوجود پيش ٿيندس……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*