احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڍيءُ مريم نواز طرفان داخل نيب ريفرنسز ۾ حاضري کان ڇوٽ واري داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

nawaz shareef

احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف ۽ سندس ڍيءُ مريم نواز طرفان داخل نيب ريفرنسز ۾ حاضري کان ڇوٽ واري داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ جج محمد بشير ايون فيلڊ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي، اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر پيش ٿيا.

ٻڌڻي دروان

ٻڌڻي دوران نواز شريف ۽ مريم نواز هڪ هفتي لاءِ عدالت ۾ پيشي کان ڇوٽ جي درخواست ڪئي. جنهن ۾ ڪلثوم نواز جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به لڳايو ويو آهي.

نيب پراسيڪيوٽر درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته نيب نواز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ ڪٿي نه لکيو ويو آهي ته سموري خاندان کي لنڊن ۾ موجود رهڻ گهرجي.

نيب پراسيڪيورٽر چيو ته ڪلثوم نواز جا پٽ حسن ۽ حسين نواز اڳ ئي لنڊن ۾ آهن، تنهن ڪري نواز شريف کي پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. جنهن تي عدالت درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

لنڊن فليٽس ريفرنسز ۾ جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ بيان قلمبند ڪرائيندي چيو ته آهلي اسٽيل ملز 25 سيڪڙو شيئرز وڪري معاهدي جي تصديق لاءِ يو اي اي کي خط لکيو، جنهن موجب، آهلي اسٽيل ملز جي وڪري جي معاهدي جو ڪو به رڪارڊ نه آهي.

واجد ضياءَ چيو ته آهلي اسٽيل ملز جي وڪري تي 12 ملين درهم جي ٽرانزيڪشن جو به رڪارڊ موجود نه آهي.

واجد ضياءَ چيو ته طارق شفيع طرفان جمع ڪرايل معاهدو ڪوڙو ۽ جعلي آهي، گڏيل عرب امارات موجب، طارق شفيع معاهدي جي تصديق جو به رڪارڊ نه مليو آهي.

ان موقعي تي مريم نواز جي وڪيل اعتراض ڪيو ته واجد ضياءَ ايم ايل اي کان پڙهي بيان لکرائي رهيو آهي، جنهن تي جج کيس روڪيندي چيو ته اوهان دستاويز ڏسي سگهو ٿا، پڙهي نٿا سگهو.

جي آءِ ٽي سربراهه واجد ضياءَ جي بيان بعد ٻڌڻي ٿوري دير لاءِ ملتوي ڪئي وئي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*