ٽنڊي ڄام ۾سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ٻن شاگرد گروپن وچ ۾ پوائنٽ بس جي سيٽ تان تڪرار بعد جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 شاگرد زخمي ٿي پياآهن

Tando-Jam-24-2-16

ٽنڊي ڄام ۾سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ٻن شاگرد گروپن وچ ۾ پوائنٽ بس جي سيٽ تان تڪرار بعد جهيڙي دوران ڏنڊا لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 شاگرد زخمي ٿي پياآهن، جڏهن ته رينجرز موقعي تي پهچي صورتحال تي ضابطو ڪري ورتوآهي.

 سنڌ زرعي يونيورسٽي جي ڪينٽين  واري علائقي ۾ ٻن شاگرد گروپن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڏنڊا لڳڻ سبب صدام ۽ محسن سميت 4 شاگرد زخمي ٿي پيا،زخمي شاگردن کي ڪينٽين اندر ملم پٽي ڪري طبي امداد ڏني وئي.

جڏهن ته رينجرز موقعي تي پهچي صورتحال تي ضابطو آڻي، جهيڙي کي وڌڻ کان روڪي ورتو.

انتظاميا موجب ٻن شاگرد گروپن وچ ۾ پوائنٽ بس ۾ سيٽ جي معاملي تان تڪرار ٿيوهو، جيڪو بعد جهيڙي جي شڪل اختيار ڪري ويو………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*