پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڀارت ۾ پاڪستان سفارتڪارن کي حراسان ڪرڻ وارا ثبوت ڀارت کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن

Dr-Faisal-111217

پرڏيهي کاتي جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته ڀارت ۾ پاڪستان سفارتڪارن کي حراسان ڪرڻ وارا ثبوت ڀارت کي فراهم ڪري ڇڏيا آهن. پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ڪي به ٿاڪ موجود نه آهن، معلومات فراهم ڪئي وڃي ته ڪارروائي ڪنداسين.

اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته وزيراعظم آمريڪا جي خانگي دوري تي آمريڪي نائب صدر مائيڪ پينس سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا ۾ مقرر دفاعي صلاحڪار به موجود هو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو ته پاڪستان ۾ هاڻ پاڪستان ۾ دهشتگردن جو ڪو به منظم وجود نه آهي، آمريڪي انٽيلي جنس ڄاڻ فراهم ڪري ته ڪارروائي ڪنداسين.

ڊاڪٽر فيصل ڀارت ۾ پاڪستاني سفارتڪارن کي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان کي پنهنجي سفارتڪارن کي حراسان ڪرڻ واري معاملي تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته پاڪستان ڀارت ۾ سفارتڪارن کي حراسان ڪرڻ بابت ثبوت به فراهم ڪيا آهن، اڄ پاڪستاني هاءِ ڪمشنر سهيل محمود واپس روانو ٿي ويندو.

پرڏيهي کاتي جي ترجمان خواجا معين الدين چشتي جي عرس ۾ شرڪت لاءِ پاڪستاني زائرين کي ڀارت طرفان ويزا نه ڏيڻ تي مايوسي جو اظهار ڪيو.

افغان صدر طرفان وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کي افغانستان جي دوري جي دعوت تي ترجمان چيو ته اسان دعوت جو جائزو وٺي رهيا آهيون، افغان صدر جي دعوت بابت مثبت اڳڀرائي ٿي آهي، جلد افغان عملدارن کي جواب کان آگاهه ڪنداسين………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*