لاهور هائيڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ميڊيا نشريات تي پابندي لاءِ هڪ وڌيڪ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي

Lahore-High-Nawaz-15-4-16

لاهور هائيڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ميڊيا نشريات تي پابندي لاءِ هڪ وڌيڪ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نوازشريف لاڳيتو عدليا خلاف تقريرون ڪري رهيو آهي، جيڪي بغاوت جي زمري اچن ٿيون، مٿس پابندي لاڳو ڪيو وڃي.

لاهور هائيڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ميڊيا نشريات تي پابندي لاءِ هڪ وڌيڪ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي.

سيد محمد جاويد اقبال جعفري پاران داخل ڪيل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ نوازشريف لاڳيتو عدليا خلاف تقريرون ڪر رهيو آهي،

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نوازشريف جون عدليا خلاف تقريرون ملڪي سلامتي لاءِ خطرو آهن، تقريرن سان نسلي ۽ مذهبي نفرت کي هٿي ملي رهي آهي،

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته نوازشريف جون عدليا خلاف تقريرون بغاوت جي زمري اچن ٿيون.

درخواستگذار استدعا ڪئي ته لاهور هائيڪورٽ انهن ئي سببن جي ڪري ايم ڪيو ايم جي قائد جي تقرير تي پابندي لڳائي آهي، نوازشريف جون تقريرون نشر ڪرڻ ۽ ڇاپڻ تي پابندي لڳائي وڃي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*