چيف جسٽس ثاقب نثار، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪيس ۾ سنڌ سرڪار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو آهي ته اي ڊي خواجه سياسي آقائن جي دٻاءَ الله ۾ ڪم نه ڪندو آهي

Supreme-Lahore-rigistry-28716

چيف جسٽس ثاقب نثار، آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه ڪيس ۾ سنڌ سرڪار جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو آهي ته اي ڊي خواجه سياسي آقائن جي دٻاءَ الله ۾ ڪم نه ڪندو آهي، تنهن ڪري ته سندس بدلي نه پئي ڪئي وڃي.  فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته سنڌ سرڪار کي اي ڊي خواجه جي بدلي جو اختيار آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پوليس رولز خلاف آهي.

سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ ٽه رڪني بئنچ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي بدلي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سنڌ سرڪار طرفان فاروق ايڇ نائيڪ وڪيل طور پيش ٿيو.

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار ريمارڪس ڏيندي چيو ته  اسلام آباد ۾ وقت نه هو تنهن ڪري ڪيس جي هتي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته اي ڊي خواجه 21 هين گريڊ جو آفيسر آهي، 22 هين گريڊ تي مقرر آهي، 22 هين گريڊ جو آفيسر اي ڊي خواجه جي ماتحت ڪم ڪري رهيو آهي.

جنهن تي چيف جسٽس فاروق ايڇ نائيڪ کان پڇا ڪئي ته اي ڊي خواجه سياسي آقائن جي دٻاءُ ۾ ڪم نه ڪري رهيو آهي تنهن ڪري ته سندس بدلي نه پئي ڪئي وڃي.

فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته مان سينيٽ چيئرمين رهي چڪو آهيان، قانون جي ڳالهه ڪيان ٿو، سياسي نه، سنڌ سرڪار کي اي ڊي خواجه جي بدلي جو اختيار آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو پوليس رولز خلاف آهي.

چيف جسٽس فاروق ايڇ نائيڪ کي دليل هڪ ڪلاڪ ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ ٻن ڪلاڪن جي مهلت طلب ڪئي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*