اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته جڊيشل مارشل لا غير آئيني هوندو، جنهن کي ان لفظ سان پيار هجي اهو اها ڳالهه ڪري

khursheed shah

اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه چيو آهي ته جڊيشل مارشل لا غير آئيني هوندو، جنهن کي ان لفظ سان پيار هجي اهو اها ڳالهه ڪري، اهڙو مشورو قبول ڪندڙ بغاوت جي دائري ۾ اچي ٿو، ڪو به جمهوري ماڻهو اهڙي ڳالهه نه ڪندو، نگران وزيراعظم لاءِ پارٽي سان مشاورت ڪندس، نواز شريف جي مستقبل تي تبصرو نه ڪندس

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهايون ڪندي خورشيد شاهه چيو ته آئين ۾ سڀ واضح آهي ته ان کان وڌيڪ اڳتي ڪو به نٿو وڃي سگهي. ڪو به آئين کان اڳتي ويو ته اهو آرٽيڪل جي زمري ۾ نٿو اچي.

هن چيو ته ڪو به جوڊيشل مارشل لا جو مشورو مڃي وٺي ته به بغاوت جي زمري ۾ اچي سگه يٿو.

اپوزيشن ليڊر چيو ته ڪو به جمهوري ماڻهو جوڊيشل مارشل لا جي ڳالهه نٿو ڪري سگهي، مارشل لا جو حامي يا حڪومت جو حصو رندڙ اهڙيون ڳالهيون نه ٿا ڪري سگهن.

هن چيو ته جنهن مارشل لا جو ساٿ ڏنو، اهو ئي شخص اهڙيون ڳالهيون ڪري سگهي ٿو.

خورشيد شاهه چيو ته نگران وزيراعظم جي مقرري تي نوازشريف سان ڳالهيون ڇو ڪيان، منهنجو ن ليگ ڳالهائڻ نٿوٺهي.

هن چيو ته سٺي ۽ بهتر نالي جو نالو ڪو به ڏئي سگهي ٿو، نگران وزيراعظم جي مقرري تي سياسي جماعتن سان مشاورت ڪنداسين. مان رڳو پنهنجي پارٽي سان مشاورت ضرور ڪندس.

صحافين جي سوال تي جواب ڏيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز ليگ  جي مستقبل تي مان ڪو به تبصرو نه ڪندس، هتي روز نيون شيون جنم وٺي رهيون آهن. سڀاڻي ڇا ٿيندو، ڪجهه به نٿو ٻڌائي سگهان، مان نجومي ناهيان…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*