قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کانپوءِ شاهد آفريدي به چيو آهي ته پي ايس ايل ۾ اهڙن غير ملڪي رانديگرن سان معاهدو نه ڪيو وڃي

Shahid-Afridi-13716

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد کانپوءِ شاهد آفريدي به چيو آهي ته پي ايس ايل ۾ اهڙن غير ملڪي رانديگرن سان معاهدو نه ڪيو وڃي، جيڪي پاڪستان ۾ نه ٿا کيڏن، لاهور کان پوءِ ڪراچي ۾ پي ايس ايل جي ميچ سان دنيا ڏانهن سٺو پيغام ويندو.

لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي به چيو ته پي ايس ايل ۾ اهڙن غير ملڪي رانديگرن سان معاهدو نه ڪيو وڃي، جيڪي پاڪستان ۾ نه ٿا کيڏن،

هن چيو ته لاهور کان پوءِ ڪراچي ۾ پي ايس ايل جي ميچ سان دنيا ڏانهن سٺو پيغام ويندو.

شاهد آفريدي چيو ته دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ ٿا چاهيون ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي انتظام بهترين آهن.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته غير ملڪي رانديگرن جو پاڪستان اچڻ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي اڻٽر ٿي وئي آهي ۽ خوشي جي ڳالهه آهي ته ويسٽ انڊيز جي ٽيم پاڪستان اچي رهي آهي.

شاهد آفريدي چيو ته پي ايس ايل فرنچائز مالڪن کي ڊرافٽنگ جي دوران اهڙن رانديگرن جي چونڊ ڪئي جيڪي پاڪستان ۾ کيڏڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته آءِ پي ايل سبب ڀارتي رانديگر ڪنهن به ليگ ۾ شامل ناهن ٿيندا، انهن کي به سپر ليگ ۾ اچڻ گهرجي.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان چيو ته ٽي ٽوئينٽي ڪرڪيٽ تمام گهڻي ٿي رهي آهي، ون ڊي ڪرڪيٽ ميچ به ٿيڻ گهرجي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*