متحده مجلس عمل جي بحالي جي آجيان ڪن ٿا، رائو انوار جي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ جي تبديلي جو پاڻ ۾ ڪو به تعلق ناهي,سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه

Murad Ali Shah 23318

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته هو متحده مجلس عمل جي بحالي جي آجيان ڪن ٿا، رائو انوار جي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ جي تبديلي جو پاڻ ۾ ڪو به تعلق ناهي.

ڪراچي ۾ مزار قائد تي حاضري ڀرڻ کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته 23 مارچ ملڪي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن آهي، قوم، ترقي ۽ جمهوري ملڪ لاءِ ڪردار ادا ڪري.

هن چيو ته هو متحده مجلس عمل جي بحالي جي آجيان ڪن ٿا، 2018 چونڊن جو سال آهي.

مراد علي شاهه چيو ته رائو انوار جي گرفتاري ۽ آءِ جي سنڌ جي تبديلي جو پاڻ ۾ ڪو به تعلق ناهي.

گورنر سنڌ محمد زبير ۽ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان گڏ صوبائي ڪابينا به يوم پاڪستان جي موقعي تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري.

گورنر محمد زبير ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪي حالتون قومي يڪجهتي ۽ اتحاد جي گهر ڪن ٿيون، سڄي قوم کي مسئلن جي خاتمي لاءِ عزم ڪرڻو پوندو.

گورنر چيو ته ڪراچي ۾ امن امان جي بهتر صورتحال حڪومت جو ڪارنامو آهي، پي ايس ايل جو فائنل منعقد ٿيڻ سان ڪراچي جو مثبت تاثر پيدا ٿيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*