اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بابا ئي قوم نظرئي لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرو انتهاپسندن مان آهي، هن وقت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي

bilawal and zardari 23318

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته بابا ئي قوم نظرئي لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرو انتهاپسندن مان آهي، هن وقت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي، بلاول ڀٽو زردراي  چيو آهي ته شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير پاڪستان لاءِ قربانيون ڏنيون.

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو يوم پاڪستان جي حوالي سان پيغام ڏيندي چيو آهي ته بابا ئي قوم نظرئي لاءِ سڀ کان وڌيڪ خطرو انتهاپسندن مان آهي،

هن چيو ته شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪيان ٿو، شهيدن جي ڪري اسان اڄ آزاد زندگي گهاري رهيا آهيون،

آصف علي زرداري چيو ته شهيد ئي ملڪ جا اصل هيروز آهن، هن وقت ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ناهي.

بلاول ڀٽو زردراي  به يوم پاڪستان جي موقعي تي پيغام ڏيندي چيو ته اڄ به ملڪ ۾ 1940 وارو جذبو هئڻ گهرجي، شهيد ذوالفقار ۽ شهيد بينظير پاڪستان لاءِ قربانيون ڏنيون.

هوڏانهن سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شيري رحمان يوم پاڪستان جي حوالي سان پيغام  ڏيندي چيو ته 23مارچ عهد جو ڏينهن آهي، عهد ڪجي ته وقت،وسيلا ۽ پاڻ کي ملڪ جي خدمت لاءِ پيش ڪبو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*