اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جمهوريت، پارليامينٽ جي مضبوطي ۽ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي

nawazsharif 23318

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته جمهوريت، پارليامينٽ جي مضبوطي ۽ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي، يوم پاڪستان تاريخ جو نه وسارڻ جوڳو ڏينهن آهي، شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي جو دهشتگردي ختم ٿي رهي آهي، ملڪي ترقي جمهوريت جي تسلسل ۽ ووٽ جي تقدس ۾ آهي.

پاڪستان جي ڏهاڙي جي موقعي تي قوم کي پنهنجي پيغام ۾ نواز شريف چيو ته پاڪستان جوڏهاڙو اسان جي تاريخ جو روشن ۽ نه وسرندڙ ڏينهن آهي،

هن چيو ته اڄ جو ٺهراءُ پاڪستان جي مقصدن ۽ اهي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد جي عزم جو ڏينهن آهي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اڄ اسان قائد اعظم جي مقصد ۽ علامه اقبال جي خواب کي مڪمل ٿيندي ڏسي رهيا آهيون،

نوازشريف چيو ته پاڪستان اقتصادي ترقي طرف گامزن آهي ۽ دنيا ۾ باوقار سڃاڻپ سان اڀري رهيو آهي، مادر وطن جي دفاع، سلامتي ۽ حفاظت لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون ويون آهن،

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته ملڪي ترقي جمهوري نظام جي تسلسل ۽ ووٽ جي تقدس ۾ لڪل آهي، پاڪستان پرعزم جمهوري جدوجهد ۽ ووٽ جي طاقت سان دنيا جي نقشي تي اڀريو آهي،

اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو ته جمهوريت، پارليامينٽ جي مضبوطي ۽ آئين جي حڪمراني ئي اڳتي وڌڻ جو رستو آهي.

نوازشريف چيو ته يوم پاڪستان  نه رڳو جشن پر جدوجهد جي عزم جو ڏينهن آهي، ملڪ لاءِ قربانيون ڏيندڙن کي سلام پيش ڪيون ٿا، شهيدن جي قربانين جو ثمر آهي جو دهشتگردي ختم ٿي رهي آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*