سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار هربنس پوره پارڪ جي جاءِ تي گرڊ اسٽيشن ٺاهڻ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي واپڊا چيئرمين ۽ ڊي جي ايل ڊي اي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي

lahore hanspura electric station noteis 23318

 سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ثاقب نثار هربنس پوره پارڪ جي جاءِ تي گرڊ اسٽيشن ٺاهڻ تي پاڻمرادو نوٽيس وٺندي واپڊا چيئرمين ۽ ڊي جي ايل ڊي اي کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو  آهي.

چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار لاهور جي علائقي هر بنس پوره ۾ پارڪ واري هنڌ گرڊ اسٽيشن ٺاهڻ جو نوٽيس ورتو.

نوٽيس جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بئنچ سڀاڻي ڪندي.

چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار اطلاعات واري صوبائي سيڪريٽري ۽ سينئر ميمبر بورڊ آف ريوينيو کي طلب ڪري ورتو.

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي گهر ويجهو پارڪ جي جاءِ تي روڊ ٺاهڻ واري معاملي جي ٻڌڻي دوران ڊي جي ايل ڊي اي کي 10 ڏينهن اندر پارڪ کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*