ايندڙ پي ايس ايل جون اڌ ميچون ڪراچي ۾ ٿينديون، هاڻ پشاور ۽ اسلام آباد جا به ميدان آباد ٿيندا, پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي

Najam Sethi PCB 23318

 پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي چيو آهي ته ايندڙ پي ايس ايل جون اڌ ميچون ڪراچي ۾ ٿينديون، هاڻ پشاور ۽ اسلام آباد جا به ميدان آباد ٿيندا.

پي ايس ايل فائنل ميچ جي حوالي سان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ انتظامن جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي نجم سيٺي چيو ته  پي ايس ايل جا ميچ شيڊيول موجب سٺي طريقي ٿيڻ سان هڪ خوشخبري پوري ٿي آهي، ٻئي خوشخبري ايندڙ سال پي ايس ايل ۾ ملندي.

هن چيو ته يقين ڪيو ته هو جيڪو چوندو آهي اهو ڪري ڏيکاريندو آهي، ايندڙ پي ايس ايل جون اڌ ميچون ڪراچي ۾ ٿينديون، يقين ڪيو جيڪو چوندو آهيان پورو ڪندو آهيان، لاهور ۽ ڪراچي کي گرين سگنل ملي ويو، هاڻ پشاور ۽ اسلام آباد جا ميدان به آباد ٿيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*