گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾باهه لڳڻ سبب هنگامي حالتون لاڳو ڪري هڪ ڪلاڪ جي سخت جدوجهد کان پوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو

guddu power station fire 23318

گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾باهه لڳڻ سبب هنگامي حالتون لاڳو ڪري هڪ ڪلاڪ جي سخت جدوجهد کان پوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو.

گڊو ٿرمل پاور اسٽيشن ۾600 ميگاواٽ پروجيڪٽ جي سوئچ يارڊ ۾اُن وقت باھ لڳي وئي، جڏهن ڊيوٽي تي موجود عملو جمعي جي نماز پڙهڻ لاءِ مسجد ڏانهن  ويل هو.

تيز هوا سبب باھ سوئچ يارڊ ڀرسان بيٺل جھنگ کي وڪوڙي وئي، اطلاع تي پاور هائوس جو فائر برگيڊ عملو ۽ پوليس جا اٽالا واقعي واري هنڌ پهچي ويا.

باھ ۾ تيزي اچڻ سبب پوليس سوئچ يارڊ ٻاهران قومي شاهراهه تان گذرندڙ ٽريفڪ کي ڪجهه وقت لاءِ روڪي ڇڏيو، جڏهن ته باهه وسائڻ لاءِ فائر برگيڊ جون وڌيڪ گاڏيون پڻ گهرايون ويون.

هڪ ڪلاڪ جي سخت جدوجهد کان پوءِ فائر برگيڊ جي عملي باھ تي ضابطو آڻي ورتو.

پاور هائوس اسٽيشن انتظاميا جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب بجلي جي فراهمي بند نه ڪئي وئي ۽ نه وري ڪو نقصان  پهتو آهي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*