ڪنهن ملڪ جي ترقي لاءِ امن جو استحڪام ضروري آهي، وفاقي گهرو وزير احسن اقبال

Ahsan-Iqbal-111217

وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو آهي ته ڪنهن ملڪ جي ترقي لاءِ امن جو استحڪام ضروري آهي، پاڪستاني قوم کي للڪاريندڙ  هميشه پڇتائيندو آهي، ملڪ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ يونيورسٽيون قائم ڪيون پيا، اسان پرامن قوم آهيون.

ناروال ۾ يوم پاڪستان جي حوالي سان پيغام ڏيندي وفاقي گهرو وزير احسن اقبال چيو ته 23مارچ تي پاڪستان حاصل ڪرڻ جو عهد ڪيو ويو، ڪنهن ملڪ جي ترقي لاءِ امن جو استحڪام ضروري آهي.

هن چيو ته پاڪ فوج ۽ سيڪيورٽي ادارا ملڪ لاءِ جانين جو نذرانو پيش ڪن پيا، ملڪ ۾ تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ يونيورسٽيون قائم ڪيون پيا،

وفاقي گهرو وزير چيو ته اڄوڪو ڏينهن اسان کي ياد ڏياري ٿو ته بزرگن آزاد ملڪ حاصل ڪيو، اسان وٽ ڪجهه نه هو رڳو جذبو هو ۽ يقين هو، جيڪا قوم ارادو ڪندو آهي اها حاصل ڪندي آهي.

احسن اقبال چيو ته ترقي لاءِ امن ۽ استحڪام جي ضرورت آهي، اچو گڏجي عهد ڪريون ته نفرتن کي ختم ڪنداسين………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*