ڏهرڪيءَ ۾ ڀرچونڊي پيرن جي حويليءَ اندر جنريٽر ڦاٽڻ دوران باهه لڳڻ جي نتيجي ۾سڙي زخمي ٿيل ٻارڙو اسپتال ۾ علاج دوران ڏهين ڏينهن تي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو

daharki map 23318

ڏهرڪيءَ ۾ ڀرچونڊي پيرن جي حويليءَ اندر  جنريٽر ڦاٽڻ دوران باهه لڳڻ جي نتيجي ۾سڙي زخمي ٿيل ٻارڙو اسپتال ۾ علاج دوران ڏهين ڏينهن تي زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو، فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو، گهوٽڪيءَ ۾ پڻ خنجر هڻي ڪيل نوجوان جي طبيعت ۾ سڌارو نه آيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ڏهرڪي شهر  جي  ميان عبدالسميع محلي ۾ 10 ڏينهن اڳ ڀرچونڊي پير مرحوم ميان منيراحمد جي حويليءَ  ۾گيس وارو جنريٽر ڦاٽڻ سبب باهه لڳڻ جي نتيجي ۾زخمي ٿيل پنج سالن جي محمد بلال سورن جي سٽ نه سهندي ملتان جي اسپتال ۾ دم ڏنو.

ٻارڙو محمد بلال باهه ۾سڙي فوت ٿيل عورت مسمات جرئت جو پٽ هو، جنهن کان پوءِ  فوتين جو انگ وڌي 3 ٿي ويو آهي.

ٻئي پاسي گهوٽڪي ۾چاقو هڻي زخمي ڪيل نوجوان الهڏنو سمون جي طبيعت ۾ اڃا تائين سڌارو نه اچي سگهيو آهي، حالت ڳڻتي جوڳي ٿيڻ ڪري اڄ کيس سکر سول اسپتال منتقل ڪيو ويو….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*