مٺي ۾ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ميگهواڙ برادري جي ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو

Mithi protest 23318

مٺي ۾ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف ميگهواڙ برادري جي ڳوٺاڻن احتجاجي  مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ سُوري جو تڙ واسي ميگهواڙ برادري جي ماڻهن گروو، ورڌو، عورتن راڌا، چندرا ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن دانهيندي چيو ته رات جو پوليس گهرن ۾ داخل ٿي، عورتن ۽ هڪ نوجوان کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو.

 هنن وڌيڪ چيو ته پوليس کينئرو ميگهواڙ جي پڇا ڪري رهي هئي، ان کي مهينو اڳ ٻڪرين جي چوري ۾ گرفتار ڪري 28 ڏينهن بعدڇڏيوهو.

هنن مطالبو ڪيو ته ذميوار اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*