ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس مقابلو ڪري ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

Kandkot police action 23318

ڪنڌڪوٽ ويجهو پوليس مقابلو ڪري ٻن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.

پوليس موجب دراني مهر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو، جنهن کان پوءِ ڏوهاري ٻن مغوين سومر گولو ۽ بشير گولو کي ڇڏي فرار ٿي ويا.

پوليس ترجمان چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين جا ٿاڪ ڊاهي پٽ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته گرفتار شڪي ماڻهن کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.

بازياب ٿيل سومر گولو ۽ بشير گولو کي 6 ڏينهن اڳ اغوا ڪيو ويو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*