پشاور، نوشهره ۽ صوابي سميت خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا

earthquake-28217

پشاور، نوشهره ۽ صوابي سميت خيبر پختونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 2 رڪارڊ ڪئي وئي.

زلزلو پئماش مرڪز موجب، رات دير سان پشاور سميت صوبي جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا هلڪا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

زلزلو پئمائش ڪندڙ مرڪز موجب، مردان، نوشهرا، صوابي، دير، ڪوهستان ۽ ٻين ضلعن ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا،

زلزلي سبب رهواسي خوف وچان پاڪ ڪتاب جو ورد ڪندي گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. جڏهن ته ڪنهن به مالي ۽ جاني نقصان جا اطلاع نه مليا.

آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب، زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 2 رڪارد ڪئي وئي، جڏهن ته زلزلي جو مرڪز هندو ڪش پهاڙي علائقا هو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*