واهي پانڌي ۾ڪاڇي جي مالوند ماڻهن چوپائي مال ۾ بيمارين تي ضابطي لاءِ قدم نه کڻڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

wahi pandhi

واهي پانڌي ۾ڪاڇي جي مالوند ماڻهن چوپائي مال ۾ بيمارين تي ضابطي لاءِ قدم نه کڻڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ڳوٺ موسو خان جمالي جي رهواسين پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهروڪري نعريبازي ڪئي.

 ان موقعي تي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته  مختلف بيمارين سبب چوپايو مال مرڻ جون خبرون ميڊيا تي اچڻ باوجود لائيو اسٽاڪ کاتي ڪي به اپاءِ نه ورتا آهن.

هنن وڌيڪ چيو ته علائقي جا وٽرنري ڊاڪٽر پنهنجي ڊيوٽين تان غائب آهن ۽ گهر ويٺي پگهارون کڻي رهيا آهن.

هنن لائيو اسٽاڪ کاتي جي اعلي اختيارين کان گهر ڪئي آهي  ته چوپايومال بچائڻ تڪڙا قدم کنيا وڃن………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*