پي ايس ايل ٿري جي فيصلائتي جنگ اڄ ڪراچي ۾ ٿي رهي آهي

psl 3 final teams

پي ايس ايل ٿري جي فيصلائتي جنگ اڄ ڪراچي ۾ ٿي رهي آهي، 2016 جي فاتح ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ ٻيهر اعزاز ماڻڻ لاءِ دفاعي چيمپيئن پشاور زلمي جي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي، وزير اعظم، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، وفاقي وزيرن، صوبائي گورنرز ۽ وڏن وزيرن سميت اهم شخصيتن جي شرڪت جو امڪان آهي، اختتامي تقريب ۾ علي ظفر، شهزاد راءِ ۽ ٻيا فنڪار پرفارم ڪندا، جڏهن سيڪيورٽي جا انتهائي سخت اپاءَ وٺندي تمائشائين کي شٽل سروس ذريعي اسٽيڊيم پهچايو ويندو.

پشاور زلمي جي ڪپتان ڊيرن سيمي جو چوڻ آهي ته هو مڪمل طور فٽ نه آهي، پر ان باوجود پي ايس ايل فائنل کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا، اميد ته اڄ ڪراچي جو عوام کين سپورٽ ڪندو، جڏهن ته اسلام آباد يونائيٽڊ جي ڪپتان جي پي ڊومني جو چوڻ آهي ته کين ڪراچي اچڻ تي خوشي ٿي رهي آهي.

پي ايس ايل ٿري جي فيصلائتي جنگ ۾ اڄ 2016 جي فاتح ٽيم اسلام آباد يونائيٽيڊ ٻيهر اعزاز لاءِ دفاعي چيمپيئن پشاور زلمي جي ٽيم سان مهاڏو اٽڪائيندي.

وزير اعظم، سينيٽ چيئرمين، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر، وفاقي وزيرن، صوبن جي گورنرز ۽ وڏن وزيرن سميت اهم شخصيتن جي شرڪت جو امڪان آهي، جڏهن ته پي سي بي چيئرمين جو چوڻ آهي ته هن عمران خان کي ميچ ڏسڻ لاءِ اسٽيڊيم اچڻ جي دعوت ڏني آهي، جيڪڏهن عمران خان ميچ ڏسڻ آيو ته سندس گاڏي جو دروازو هو پاڻ کوليندو.

نجم سيٺي چيو ته پي ايس ايل جي ٽرافي ڪراچي اچڻ تي ڪراچي واسين جي منهن تي مرڪون موٽي آيون آهن، جيڪا هڪ وڏي ڪاميابي آهي.

پي ايس ايل فائنل جي موقعي تي ڪراچي شهر جي اهم روڊ رستن کي پوسٽرز، بينرز ۽ ٻين شين سان سينگاريو ويو آهي، جنهن ۾ ڪرڪيٽرز جا بورڊ شهرين جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهن.

ڪراچي شهر ۾ اسلام آباد يونائيٽيڊ ۽ پشاور زلمي جي شرٽس جي خريداري به چوٽ چڙهي وئي آهي، جڏهن ته پي ايس پي، ميچ ڏسڻ لاءِ شهر ۾ وڏيون اسڪرينز لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

فائنل ميچ جي موقعي تي سيڪيورٽي جا انتهائي سخت اپاءَ ورتا ويا آهن، جنهن لاءِ پوليس ۽ رينجرز جا 15 هزار کان وڌيڪ  اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جڏهن ته 7 هنڌن تي پارڪنگز قائم ڪري واڪ ٿرو گيٽس به لڳايا ويا آهن.

ميچ جا ٽڪيٽس خريد ڪندڙن کي موبائل فونز ۽ سڃاڻپ ڪارڊ کانسواءِ ٻي ڪا به شيءِ اسٽيڊيم ۾ کڻي اچڻ جي اجازت نه هوندي.

ٽريفڪ پلان به جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اڄ يونيورسٽي روڊ، نيشنل اسٽيڊيم روڊ، نيو ٽائون، ڪارساز ۽ ٻيا روڊ عام ٽريفڪ لاءِ بند رهندا، جڏهن ته ٽڪيٽ حاصل ڪندڙن کي شٽل سروس ذريعي نيشنل اسٽيڊيم پهچايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*