فيض گنج جي علائقي ڪرونڊيءَ مان دڪاندار کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف شهرين شٽربند هڙتال ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي مهراڻ نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو

faiz ganj

فيض گنج جي علائقي ڪرونڊيءَ مان دڪاندار کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف  شهرين شٽربند هڙتال ڪري ٽائرن کي باهيون ڏئي مهراڻ نيشنل هاءِ وي بند ڪري ڇڏيو، احتجاج دوران ٻن شهرين پيٽرول هاري پاڻ ساِڙڻ جي ڪوشش ڪئي.

اڪري چودڳي ٿاڻي جي حد ڪرونڊي شهر ۾ نوجوان دڪاندار سڪندر لاشاري کي سادا ڪپڙا پاتل اهلڪارن طرفان کنڀي گم ڪرڻ خلاف دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار بند رکيو.

شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ٽائرن کي باهيون ڏئي ڌرڻو هنيو، جتي ٻن ڄڻن پاڻ تي پيٽرول هاري باهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته شهرين کين سڙڻ کان بچائي ورتو.

گم ڪيل نوجوان سڪندر لاشاريءَ جي وارثن حضور بخش لاشاري، سبحان، پيار علي ۽ ٻين احتجاج دوران دانهيو ته گذريل ڏينهن پوليس موبائيل ۽ ڪار ۾سوار سادا ڪپڙا پهريل اهلڪار وچ شهر مان نوجوان سڪندر کي کنڀي ويا، جنهن بابت اڪري ٿاڻي جو ايس ايڇ او ۽ ڊي ايس پي فيض گنج واقعي کان ئي اڻڄاڻائي ظاهر ڪري رهيا آهن.

 هنن چيو ته سندن نوجوان کي اغوا ڪيو ويو آهي يا حراست ۾ ورتو ويو آهي؟ ان بابت ڪا به خبر نه ٿي پئي، جيڪا پوليس جي ناڪامي آهي.

 هنن چيو ته جيڪڏهن نوجوان ڪنهن ڏوهه ۾ گهربل آهي ته سندس گرفتاري ظاهر ڪئي وڃي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*