وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پرويز رشيد پاران چوڌري نثار علي جي پارٽي ٽڪيٽ بابت ڏنل بيان جي وضاحت بيان ڪري ڇڏي

shahid-khaqan-abbasi-210516

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پرويز رشيد پاران چوڌري نثار علي جي پارٽي ٽڪيٽ بابت ڏنل بيان جي وضاحت بيان ڪري ڇڏي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ترجمان موجب، مسلم ليگ ن ۾ چونڊ ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو آهي، پارٽي ٽڪيٽ جو فيصلو هڪ فرد نه ٿو ڪري سگهي پر ان جو فيصلو پارلياماني بورڊ ڪندو آهي.

وزيراعظم شاهد خاقان عباسي پنهنجي بيان ۾ چوڌري نثار علي کي پارٽي ٽڪيٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ بابت پارٽي پاليسي واضح ڪري ڇڏي.

وزيراعظم جي ترجمان موجب، پارٽي جي ٽڪيٽ جو فيصلو هڪ فرد نٿو ڪري سگهي، چوڌري نثار کي ٽڪيٽ ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو فيصلو پارلياماني بورڊ ڪندو.

ترجمان موجب، مسلم ليگ ن ۾ چونڊ ٽڪيٽ ڏيڻ جو فيصلو مشاورت بعد ڪيو ويندو آهي.

واضح رهي ته سينيٽر پرويز رشيد پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته اڳوڻو گهرو وزير چوڌري نثار هن وقت مسلم ليگ ن جي بيانئي خلاف ڳالهائي رهيو آهي ۽ پارٽي، چونڊ ۾ پنهنجي موجوده بيانئي سان گڏ حصو وٺندي.

پرويز رشيد چيو هو ته چوڌري نثار علي مسلم ليگ ن جي پليٽ فارم تان چونڊ ۾ حصو نٿو وٺي سگهي. سندس قسمت جو فيصلو پنجاب جو وڏو وزير ۽ پارٽي جو موجوده صدر شهباز شريف ڪندو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*