ميرپور بٺوري ۾ وڌندڙ بدامني، صحافي لطيف زنئور کان ڦر۽ منشيات جي وڪري خلاف شهرين ٽين ڏينهن به احتجاجي بک هڙتال ڪري سڀاڻي ڌرڻي ۽ اربعا ڏينهن شٽربند هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي

mirpur-bathiro

ميرپور بٺوري ۾ وڌندڙ بدامني،   صحافي لطيف زنئور کان ڦر۽ منشيات جي وڪري خلاف شهرين ٽين ڏينهن به احتجاجي بک هڙتال ڪري  سڀاڻي ڌرڻي ۽ اربعا ڏينهن شٽربند هڙتال ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

 شهري ايڪشن ڪاميٽي، ڳوٺ سڌار سنگت ۽ صحافين  پاران اعلانيل ٽن ڏينهن واري بک هڙتال جي آخري ڏينهن  به پريس ڪلب جي صدر آڪاش زنئور ۽ شھري ايڪشن ڪاميٽي جي صدر عرفان خواجا جي اڳواڻي ۾ مين اسٽاپ تي بک هڙتال ڪئي وئي.

پ پ سنڌ ڪائونسل جي ميمبر اعجاز علي خواجا، واپاري اڳواڻ حاجي موسي کٽي، ساگر مجيد پرھياڙ، قادربخش زئور، عامر ميمڻ، ڪريم شورو، حاجي حبيب الله ميمڻ ۽ ٻيا سوين ماڻهو بک هڙتالتي ويٺا.

 ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ٽن ڏينهن جي بک هڙتال کانپوءِ به انتظاميا ڪو نوٽيس نه ورتو آهي.

هنن چيو ته انتظاميا جي بي حسي خلاف سڀاڻي  ميرپوربٺوري ۾ڌرڻو هنيو ويندو ۽ اربعا ڏينهن شٽربند هرتال ڪري وڌيڪ احتجاج جي حڪمت عملي جوڙي ويندي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*