تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم کي هاڻ هارس ٽريڊنگ نظر اچي رهي آهي

Imran-Khan-Tweet-21117

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته وزيراعظم کي هاڻ هارس ٽريڊنگ نظر اچي رهي آهي، چيو پيو وڃي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پيسو استعمال ٿيو آهي. جيڪڏهن حڪمران جماعت کي ڳڻتي هئي ته پوءِ اسان جي تجويز جي حمايت ڇو نه ڪئي؟ تجويز جو مقصد اليڪشن ۾ غلط طريقيڪار کي روڪڻ هو.

پنهنجي ٽوئيٽ پيغام ۾ عمران خان چيو ته اسان سينيٽ چونڊ جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي، اسان جي تجويز جو مقصد سينيٽ چونڊن ۾ غلط طريقيڪار کي روڪڻ هو.

عمران خان چيو ته ڇا 10 ارب ڊالر ساليانا مني لانڊرنگ پاڪستان جو معاملو نه آهي؟

هن چيو ته مني لانڊرنگ معاشي طور تي پاڪستان کي تباهه ڪري رهي آهي.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته جيڪڏهن شاهد خاقان عباسي سمجهي ٿو ته نوازشريف مني لانڊرنگ ۾ ملوث نه آهي ته پوءِ ان کان ٻيو ڪو وڏو بيوقوف نه آهي.

عمران خان چيو ته جيڪڏهن وزيراعظم شاهد خاقان عباسي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي ته پوءِ کانئس ٻئي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*