ايڪشن هالي ووڊ فلم پئسفڪ رم اپ رائيزنگ رليز ٿيندي ئي امريڪي باڪس آفيس تي ڇائنجي وئي آهي

pacific rim uprising

  ايڪشن هالي ووڊ فلم پئسفڪ رم اپ رائيزنگ رليز ٿيندي ئي امريڪي باڪس آفيس تي ڇائنجي وئي آهي، پهرئين هفتي ئي 2 ڪروڙ 80 لک ڊالرز ڪمائي ڪري بلئڪ پئنٿر کي 2 پوزيشن تي ڌڪي ڇڏيو.

 ويڪ اينڊ باڪس آفيس رپورٽ موجب هفتي جي 3 ڏينهن دوران بلئڪ پئنٿر 1 ڪروڙ 66 لک ڊالرز بزنس ڪيو، جڏهن ته فلم آءِ ڪئن اونلي امئجن 1 ڪروڙ 38 لک ڊالرز ڪمائِي ڪئي ۽ ٽاپ فائيو لسٽ اندر 3 نمبر حاصل ڪيو.

خاص ٻارن لاءِ ٺهيل ائنيميٽيڊ فلم شير لوڪ نومز 1 ڪروڙ 6 لک ڊالرز ڪمائي چوٿون ۽ ايڪشن سان ڀرپور فلم ٽومب رئڊر 1 ڪروڙ 4 لک ڊالرز ڪمائي امريڪي باڪس آفس تي 5 پوزيشن ماڻي ورتي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*