احتساب عدالت، ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس ۾ نيب جي شاهد وٽ اصل ڪاغذ نه هئڻ ڪري ٻڌڻي 3 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي

dr asim

احتساب عدالت، ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس ۾ نيب جي شاهد وٽ اصل ڪاغذ نه هئڻ ڪري ٻڌڻي 3 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ 462 ارب رپيا ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ جوابدار اطهر حسين ۽ ٻيا پيش ٿيا، پر پيٽروليم وارو اڳوڻو مشير ڊاڪٽر عاصم پيش نه ٿيو.

ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل عدالت کي درخواست ڏني ته سندس اصيل کي حاضري کان ڇوٽ ڏني وڃي، جيڪا عدالت منظور ڪري ورتي.

نيب جو شاهد اسد جوکيو پيش ٿيو پر وٽس اصل ڪاغذ نه هئڻ ڪري عدالت ٻڌڻي 3 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*