اڳوڻي سينيٽر نهال هاشمي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي

nihal hasmi

اڳوڻي سينيٽر نهال هاشمي خلاف توهين عدالت ڪيس  جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ثاقب نثار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن مان اوهان جي جاءِ تي هجا ها ته ٻڏي مري وڃا ها، نهال هاشمي چيو، عدالت جي رحم ڪرم تي آهيان، پنهنجي ڪئي تي پڇتاءُ آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس، ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ نهال هاشمي خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اڳوڻي سينيٽر نهال هاشمي سپريم ڪورٽ کان معافي جي اپيل ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس پڇا ڪئي ته اوهان معافي جي اپيل ڪيئن ڪري سگهو ٿا؟

چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان عدالت جي توهين ڪئي آهي، هتي بيهي پنهنجي لاءِ به اهي ساڳيا لفظ ورجايو. جنهن تي نهال هاشمي چيو ته مون ايئن نه چيو هو.

جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ايترا بزرگ ويٺا آهن، سڀني کي ويڊيو ڏيکاريون ٿا ۽ رشيد اي رضوي کي ٽياڪڙ مقرر ڪيون ٿا.

ٻڌڻي دوران نهال هاشمي جي بيان جي ويڊيون به عدالت ۾ ڏيکاري وئي. جنهن تي نهال هاشمي موقف اختيار ڪيو ته مان وڪيل آهيان، ايئن نٿو چئي سگهان.

جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن توهان جي جاءِ تي مان هجا ها ته ٻڏي مري وڃان ها.

چيف جسٽس چيو ته ڏسنداسين ته نهال هاشمي جي وڪالت جو لائسنس ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو.

سپريم ڪورٽ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*