سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ وفاقي وزير دانيال عزيز ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪندي شاهدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي

daniyal-aziz-191017

سپريم ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ وفاقي وزير دانيال عزيز ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪندي شاهدن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس شيخ عظمت سعيد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ دانيال عزيز جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل چيو ته شاهدن جي فهرست پيش ڪري ڇڏي آهي، جنهن تي جسٽس عظمت سعيد چيو ته اسان چيو هو ته ايندڙ تاريخ تي شاهدن کي گهرائينداسين. اوهان به پنهنجي دفاع ۾ شاهد آڻي سگهو ٿا.

جسٽس عظمت چيو ته ڳالهايل لفظن کان انڪار نه ڪيو ويو آهي، جيڪا اوهان ڳالهه چئي، اها اسان به چئي ڇڏي آهي. اسان صبر جو مظاهرو ڪري رهيا آهيون.

دانيال عزيز ڪيس جي ٻڌڻي جمعي تائين ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شاهدن کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*