تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته زرداري ۽ شريفن جون وڪيٽون ڪيرائڻيون آهن

imran khan khi

تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته  زرداري ۽ شريفن جون وڪيٽون ڪيرائڻيون آهن، شاهد خاقان عباسي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو  ڪٺ پتلي وزير اعظم آهي، آصف زرداري وڏو ڌاڙيل آهي ۽ لڳندو به آهي،

مانسهره ۾ پارٽي جي ميمبر سازي مهم دوران خطاب ڪندي عمران خان چيو ته  مون کي زرداريءَ  ۽ شريفن  جون وڪيٽون ڪيرائڻيون آهن

هن چيو ته آصف زرداري وڏو ڌاڙيل آهي ۽ لڳندو به آهي، شريف ڀائر به زرداري کان وڏا ڌاڙيل آهن، پر شريف بڻبا آهن،

هن چيو ته شاهد خاقان عباسي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو  ڪٺ پتلي وزير اعظم آهي،

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ اشتهارن ۾ پرويز خٽڪ ۽ منهنجي تصوير نه ايندي آهي.

هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود ڪي پي ۾ تبديلي نظر اچي رهي آهي، ڪارڪن ۽ عوام ميمبر سازي کي ڪامياب بڻائين.

تحريڪ انصاف سربراهه چيو ته عوام کي حڪمرانن کان نجات ڏيارڻ جو وقت اچي ويو آهي، ايندڙ وقت پي ٽي آءِ جو هوندو،

عمران خان چيو ته ايترو ڪي پي ڪي جا فنڊ نه آهن، جيترا پيسا شهبازشريف  لاهور تي خرچ ڪيا آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*