روهڙي جي عدالت صالح پٽ جي 5 عطائي ڊاڪٽرن کي ڪلينڪون هلائڻ تي 3، 3 سال قيد ۽ 45 هزار رپيا ڏنڊ سزا ٻڌائي آهي

rohri

روهڙي جي عدالت صالح پٽ جي 5 عطائي ڊاڪٽرن کي ڪلينڪون هلائڻ تي 3، 3 سال قيد ۽ 45 هزار رپيا ڏنڊ سزا ٻڌائي آهي، پوليس عطائي ڊاڪٽرن کي سکر سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو.

 روهڙي جي سيڪنڊ سول جج اينڊ جوڊيشل مئجسٽريٽ صالح پٽ ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس جو فيصلو ٻڌايو.

 صالح پٽ ٿاڻي تي گذريل سال ڊرگ انسپيڪٽر جي فرياد تي عطائي ڊاڪٽرن پاران ڪلينڪون هلائڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.

 عدالت پاران فيصلو ٻڌائڻ بعد پوليس لعل محمد، شام سندر، سومومل، نَيوَن ڪمار ۽ دليپ ڪمار کي سکر سنيٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏيو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*