سنڌ سرڪار، صوبي ۾ فوڊ اٿارٽي کي فنڪشنل ڪري ڇڏيو آهي، سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو آهي ته اٿارٽي جو اختيار سڄي صوبي ۾ هوندو

Nisar-Khoro-14417

سنڌ سرڪار، صوبي ۾ فوڊ اٿارٽي کي فنڪشنل ڪري ڇڏيو آهي، سينئر صوبائي وزير نثار کهڙو چيو آهي ته اٿارٽي جو اختيار سڄي صوبي ۾ هوندو، پر في الوقت ڪراچي کان ڪم شروع ڪندي ۽ ڇاپا مار ٽيم جو ڪم نه پر کاڌي جي معيار جي جاچ ڪندي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نثار کهڙو چيو ته فوڊ  اٿارٽي کي فنڪشنل ڪندي اداري جو ڊي جي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته هو پاڻ فوڊ اٿارٽي جو چيئرمين آهي.

هن چيو ته فوڊ اٿارٽي جو بورڊ آف گورنرز به قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فوڊ، صحت، زراعت ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جا سيڪريٽري شامل هوندا.

سينئر صوبائي وزير چيو ته فوڊ اٿارٽي صوبي ۾ کاڌي وارين شين جي معيار تي نظر رکندي، پر في الوقت ڪراچي ۾ ڪم ڪندي.

نثار کهڙو چيو ته فوڊ ڪنٽرول اٿارٽي ڇاپا مار ٽيم ناهي، اٿارٽي هوٽلن ۽ ٻين هنڌن تي کاڌي جي معيار جي جاچ ڪندي.

ڊي جي فوڊ اٿارٽي چيو ته فائيو اسٽار هوٽلز، فوڊ ميگا مارٽ، ڊپارٽمينٽل اسٽورز، ڪريانا اسٽورز سميت ٻين کاڌي وارن ڪاروباري مرڪزن تي لائسنس فيس لڳائي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*