ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو مينيجڊ آهي

farooq sattar

ايم ڪيو ايم پاڪستان اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جو فيصلو مينيجڊ آهي، مون کي متحده باني جي مخالفت ۽ پاڪستان جي حمايت ڪرڻ جي سزا ڏني وئي،

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فاروق ستار چيو ته اليڪشن ڪميشن کي پارٽي جي اندرين معاملن تي فيصلي جو اختيارناهي،

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي معاملن بابت جسٽس وجيه الدين ۽ بابر اڪبر جون درخواستون به رد ڪيون ويون پر اسان کي گهر موڪليو ويو،

ايم ڪيو ايم اڳواڻ پاڪستان چيو ته فيصلي جومقصد ايم ڪيو ايم ۽ لغڙ کي ختم ڪرڻ آهي، ٻيون پارٽيون به هوشيار ٿين.

فاروق ستار اليڪشن ڪميشن جي فيصلي کي ڪارو فيصلو قرار  ڏيندي چيو ته متحده جا حق پرست اڳواڻ اڄ به منهنجا حمايتي آهن، ساڻس گڏ آهن

هن چيو ته اڄ وارو فيصلو ڪاري فيصلي طور ياد رکيو ويندو، اليڪشن ڪميشن غير منصفاڻو، غير آئيني ۽ غير قانوني فيصلو ڏنو، جنهن مان لڳي پيو ته دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي،

فاروق ستار چيو ته جسٽس منير جي فيصلي جيان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو به ڪارو فيصلو آهي، مولوي تميز الدين ڪيس جو فيصلو جسٽس منير ڏنو هو،

هن چيو ته ڪنهن به پارٽي آئين  جي وضاحت عدالت ڪندي آهي، اليڪشن ڪميشن کي وضاحت ڪرڻ جو اختيار ناهي،

فاروق ستار چيو ته اليڪشن ڪميشن جسٽس وجيهه الدين کي عدالت موڪليو.  ٻين کي به عدالت موڪليو ويو پر اسان کي گهر موڪلڻ جي تياري ٿي رهي آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*