لکي غلام شاهه پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارنهن الزام هيٺ قيد ڪيل ناري کي بازياب ڪرايو آهي

lakhi-ghulam-shah12-9

لکي غلام شاهه پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ڪارنهن الزام هيٺ قيد ڪيل ناري کي  بازياب ڪرايو آهي، کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

پوليس دعويٰ ڪندي چيو آهي ته هڪ ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي چڪ لڳ ڪارنهن الزام هيٺ قتل لاءِ قيد ڪيل ناري کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.

ان موقعي تي بازياب ڪرايل ناري جو چوڻ هو ته سندس مڙس جي سئوٽ نورو شر پنهنجي برادري جي غلام نبي شر سان ڪارنهن الزام مڙھي قتل ڪرڻ لاءِ گهر ۾ قيد ڪري ڇڏيو هو، کين چڪ پوليس پهچي بازياب ڪرايو.

هن اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته زندگي کي خطرو آھي،  تحفظ ڏياريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*